(Bhittai calling us Folks) ڀِٽائيءَ ڏني آ صَدا دوستو!

ڀِٽائيءَ ڏني آ صَدا دوستو

اُٿو مانجهيو، ناکئا دوستو!
ڀِٽائيءَ ڏني آ صَدا دوستو!
قيد پنهنجو ڪيو ويو دريا دوستو
! پنهنجو پاڻين ۾ آهي پَساهه دوستو
! تنهنجو منهنجو آ سِنڌوءَ ۾ ساههَ دوستو!
ٿئي پاڻَ سان پئي دَغا دوستو
! ڀِٽائيءَ ڏني آ صَدا دوستو!

ڪَراڙان ڪنڌيءَ تان اُٿيو شور آ،
مَلاحن جي مَڪڙيءَ چڙهيو چور آ،
آ غُربت جو گهاڻو، ظُلم زور آ،
ٿيو بيڪَسن-ڀَرجهلا دوستو!
ڀِٽائيءَ ڏني آ صَدا دوستو

مَڏين ۽ مياڻين جو آهي قسم!
۽ مُفلس مُهاڻين جو آهي قسم!
نِياڻين نِماڻين جو آهي قسم!
پنهنجي قيد پاڻين جو آهي قسم!
مونکي ساڌ ٻيلي جو آهي قسم!
ڀڳل هِنَ بَتيلي جو آهي قسم
! نِما شامَ ويلي جو آهي قسم
اُٿو هاڻ طوفان بڻجي، ڪريون،
قذاقن سان ڪي فيصلا دوستو،
ڀِٽائيءَ ڏني آ صَدا دوستو


! ڀِٽائيءَ ڏني آ صَدا دوستو!

رابيل عزيز


0 comments:

Post a Comment