(I am a Fisherwomen) مان عورت مهاڻي آهيان...

مان عورت مهاڻي آهيان

منهنجا درد نه مون کان پُڇجو
مان عورت مهاڻي آهيان
پاڻيءَ منجهه پساهه آ منهنجو
مان عورت مهاڻي آهيان

درياءَ، منڇر، ڪينجهر، ماڃر
دنگيون بتيلا منهنجا هي گهر
تن تان مونکي ڪڏهن نه ڪڍجو
مان عورت مهاڻي آهيان

لهر لهر سان لانئون کائي
ناري نوري پاڻي ڄائي
مَڏي نه مونکان منهنجي کسجو
مان عورت مهاڻي آهيان

ٺيڪيدار چور وڏيرا سارا ويري
ڪامورا، ڪڙا، دهشت وهشت پيري
حق نه منهنجو مونکان کسجو
مان عورت مهاڻي آهيان

پورهيو ساريو ڏينهن ڪريان ٿي
بُک بيماري ڏک ڏسان ٿي
ڀينر منهنجو حق ته وٺجو
مان عورت مهاڻي آهيان

آڳاٽي تهذيب منهنجي مون وٽ آءُ
مان آدم حوا جي آهيان ماءُ
پنهنجو گهر هي سنڌ نه ڇڏجو
مان عورت مهاڻي آهيان

منهنجا ٻار به علم پرائين
بُک بيماريون ڏور ڀڄائين
تن لاءِ ڪو اسڪول ته اڏجو
مان عورت مهاڻي آهيان

سخئيون سور درد سهان ٿي
ويم وگهي بي موت مران ٿي
صحت بنيادي حق آ منهنجو
مان عورت مهاڻي آهيان

شهزادي مان بحر جي آهيان
ميربحر ٿي ڀيڻ چوايان
سنڌ امڙ جي ڳالهه ته ٻُڌجو
مان عورت مهاڻي آهيان

هي جي منهنجا ڀائر سارا
مونکي آهن ساهه کان پيارا
تاريخ پني تي منهنجي لکجو
مان عورت مهاڻي آهيان

تهذيب تمدن ڳيچن ۾ ڏس
رسم رواجن ريتن ۾ دس
مان عورت مهاڻي آهيان

پلي مڇيءَ جي خوشبو پسجو
مان عورت مهاڻي آهيان

سنڌ جي ڄائي سکي سياڻي
صافي گهري ٿي گولو پاڻي
ڇوڙ ڪيميڪل زهر نه ڀرجو
مان عورت مهاڻي آهيان

”زيب“ آهي نالو منهنجو
سنڌو سڀيتا حوالو منهنجو
اخبارن ۾ مون کي پڙهجو
مان عورت مهاڻي آهيان

! زيب نظاماڻي

0 comments:

Post a Comment